مسلم ليگ ن سنڌ جي وفد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي

مسلم ليگ ن سنڌ جي وفد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي، نوازشريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن ملڪ ۽ قوم خاطر هر قرباني ڏني آهي، قيد جون سختيون اسان جي منزل ۾ رنڊڪ نٿيون بڻجي سگهن، مون ملڪ ۽ قوم جي خاطر سزا کي قبول ڪيو آهي.

مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه، ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني ۽ خالد شيخ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ليگي وفد پنهنجي قائد نوازشريف کي سنڌ جي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

شاهه محمود شاهه چيو ته نوازشريف کي اڊيالا جيل ۾ سنڌ جي عوام ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جو سلام ڏنو.

ان موقعي تي نوازشريف هدايت ڪندي چيو آهي ته ووٽ جي تقدس وارو پيغام سنڌ جي گهر گهر پهچايو وڃي.

هن چيو ته مسلم ليگ ن ملڪ ۽ قوم خاطر هر قرباني ڏني آهي، قيد جون سختيون اسان جي منزل ۾ رنڊڪ نٿيون بڻجي سگهن.

نوازشريف چيو ته مون ملڪ ۽ قوم جي خاطر هن قيد جي سزا کي به قبول ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*