پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويو، پنجاب اسيمبلي ۾ 164 ميمبر هوندي نواز ليگ اميدوار 147 ووٽ کنيا
پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويو، پنجاب اسيمبلي ۾ 164 ميمبر هوندي نواز ليگ اميدوار 147 ووٽ کنيا، تحريڪ انصاف ۽ اتحادين جي ميمبرن جو انگ 189 هئڻ باوجود پرويز الاهي 201 ووٽ کڻي اسپيڪر چونڊجي ويو.
پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پرويز الاهي ۽ چوڌري محمد اقبال ۾ مقابلو ٿيو.
پرويز الاهي 201 هڪ ووٽ کڻي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.
مسلم ليگ ن جي چوڌري اقبال کي 147 ووٽ ملي سگهيا آهن.
اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ پرويز الاهي قسم کڻي اسپيڪر جي عهدي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون.
تحريڪ انصاف، اتحادين ۽ مسلم ليگ ن ميمبرن جي نعريبازي سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.
نواز ليگ ليگ ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو.
ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويو آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ 164 ميمبر هوندي نواز ليگ اميدوار 147 ووٽ کنيا،
تحريڪ انصاف ۽ اتحادين جي ميمبرن جو انگ 189 هئڻ باوجود پرويز الاهي 201 ووٽ کنيا………..