پوليو جي مرض تي ضابطو نه اچڻ ڪري ڊبليو ايڇ او سميت عالمي برادري کي ڳڻتي آهي سائره افضل

وفاقي وزير سائره افضل تارڙ جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ پوليو بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته صحت واري صوبائي وزير ۽ صحت واري سيڪريٽري جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي سائره افضل  تارڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سائره افضل تارڙ کي ٻڌايو ويو ته صحت وارو وزير ۽ سيڪريٽري ٿرپارڪر ويل آهن، تنهنڪري هو سندس اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا.

اجلاس ۾ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان ٿيندڙ ڪمن ۽ پوليو مهمن جي حوالي سان پيش ايندڙ رنڊڪن تي ويچاريو ويو.

سائره افضل تارڙ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پوليو جو مرض تيزي سان پکڙجڻ ۽ ان تي ضابطو نه اچڻ تي ڊبليو ايڇ او سميت عالمي برادري کي سخت ڳڻتي آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان تي سفري پابنديون به لڳيون، تنهنڪري تڪڙيون ڪوششون ڪري مرض جي روڪٿام کي ممڪن بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*