سرڪاري ٽي وي تي حملي بابت عمران خان ۽ عارف علوي جي مبينا ڳالهه ٻولهه منظر عام تي اچي وئي

سرڪاري ٽـِي وِي تي حملي دوران پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ عارف علوي جي مبينا ڳالهه ٻولهه منظر عام تي اچي وئي آهي، عارف علوي ٻڌائي رهيو آهي ته مظاهرين پي ٽي وي جي عمارت ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جنهن تي عمران خان خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دٻاءُ برقرار رکيو وڃي، جيئن وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي.

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ پاڪستاني عوامي تحريڪ جي احتجاج دوران سرڪاري ٽي تي حملي دوران تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ۾ ٿيل مبينا ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ٽيپ منظر عام تي اچي وئي آهي.

ڳالهه ٻولهه دوران عارف علوي، عمران خان کي ٻڌائي رهيو آهي ته خان صاحب مظاهرين پي ٽي وي جي عمارت ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ٽرانسميشن بند ٿي وئي آهي، ان تي عمران خان خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سٺو آهي، حڪومت تي دٻاءُ برقرار رکيو وڃي.

مبينا ڳالهه ٻولهه ۾ عمران خان اهو به چئي رهيو آهي ته سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس آهي، ان کان اڳ وزيراعظم تي دٻاءُ برقرار رکيو وڃي، جيئن استعيفيٰ اچي.

عارف علوي عمران خان کي اهو به ٻڌائي رهيو هو ته ايم ڪيو ايم جي احتجاج ۾ شرڪت بابت هنن پريس رليز به تيار ڪري ڇڏي هئي  ۽ اڳواڻن جي فون جو 3  وڳي تائين انتظار به ڪندا رهيا پر فون نه  آيو.

واضح رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي احتجاج دوران پي ٽي وي جي آفيس تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪجهه وقت تائين نشريات پڻ بند ڪرائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*