غوثپور ويجهو هٿياربندن نوجوان کي گهر مان اغوا ڪرڻ بعدڳوٺ ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

غوثپور ويجهو هٿياربندن نوجوان کي گهر مان اغوا ڪرڻ بعدڳوٺ ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، وارثن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ الابخش بجاراڻي تي   10ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ بعد ھڪ گھر ۾داخل ٿي نوجوان الھوڌايو بجاراڻي کي اغوا ڪري ورتو.

هٿياربندن ڳوٺ ڀرسان فائرنگ ڪري اغوا ڪيل نوجوان الهوڌايو بجاراڻي کي قتل ڪري ڳڙھي تيغو واري علائقي طرف فرار ٿي ويا.

 اطلاع تي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش کڻائي ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪنڌڪوٽ – شڪارپور روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

واضح رھي ته تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جاري تڪرار ۾ 8 سالن دوران 30ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*