وزير اعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، عمران خان ۽ شهباز شريف لاءِ ڌار ڌار لابيز تيار ڪيون ويون آهن

22هين وزير اعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، عمران خان ۽ شهباز شريف لاءِ ڌار ڌار لابيز تيار ڪيون ويون آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس  اڄ اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيندو، اجلاس ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ويندي.

اسيمبلي سيڪريٽريٽ وزيراعظم جي عهدي لاءِ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ نواز ليگ صدر شهباز شريف جا فارم منظور ڪري ورتا.

عمران خان جي نامزدگي فارم ۾ شيخ رشيد تجويز ڪندڙ ۽ فخر امام تائيد ڪندڙ طور صحيحون ڪيون .

شهباز شريف جا نامزدگي فارم  نون ليگ اڳواڻن خواجا آصف، احسن اقبال ۽ ڊاڪٽر درشن لعل جمع ڪرايا.

ڳجهي راءِ شماري بدران ڊويزن ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويندا، عمران خان ۽ شهباز شريف لاءِ ڌار ڌار لابيز تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته عمران خان کي فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي.

هوڏانهن پيپلز پارٽي پاران شهباز شريف جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي به ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*