اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 30 تڪن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول تيار ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جي 30 تڪن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول تيار ڪري ورتو،  چيف اليڪشن ڪمشنر جي منظوري کانپوءِ 11 قومي ۽ 19 صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن موجب، اين اي 53 اسلام آباد، اين اي 63 راولپنڊي، اين اي 243 ڪراچي سميت ٻين تڪن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽريٽ 11 قومي ۽ 19 صوبائي تڪن تي  ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن موڪلي وئي آهي.

 سمري ۾ ننڍي چونڊ 8 کان 10 آڪٽوبر  تائين ڪرائڻ  جي تجويز ڏني وئي آهي.

چيف اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد چونڊ شيڊول اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 30 کان وڌيڪ تڪن تي چونڊ شيڊول جاري ڪيو  ويندو.

شيڊول  جي منظوري بعد اين اي 35، اين اي 53، اين اي 60، اين اي 63، اين اي 65، اين اي 69، اين اي 103، اين اي 124، اين اي 131 ۽ اين اي 243  تي ۾ ننڍي چونڊ ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*