خيبرپختونخواهه جي علائقي چڪوال ۾ ڊيم ۾ 3 ٻارڙا ٻڏي ويا، هڪ ڄڻي جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو

خيبرپختونخواهه جي علائقي چڪوال ۾ ڊيم ۾ 3 ٻارڙا ٻڏي ويا، هڪ ڄڻي جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻن ٻارڙن جي  ڳولا ڪئي پئي وڃي.

چڪوال ۾ تلا گنگ ويجهو ڊيم ۾ وهنجندي 3 ٻارڙا ٻڏي ويا، جنهن مان هڪ ڄڻي جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

انتظاميا موجب، ٻن ٻارڙن جا لاش هن وقت تائين هٿ اچي نه سگهيا آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

انتظاميا موجب، هڪ ٻارڙي جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*