پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو، بلاول ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ پارٽي جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي روين تي به خيالن جو اظهار ڪندو.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو، جنهن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب، سينئير پارٽي اڳواڻن جون تجويزون به بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير ۾ شامل ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري شهباز شريف جي تقرير کان پوءِ خطاب ڪندو. هو پنهنجي پارٽي جي جمهوري جدوجهد تي تفصيلي روشني وجهندو.

ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي سياسي روين تي به  پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*