کيرٿر تي وسڪاري بعد گاج سميت ٻيون نئيون وهي آيون، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو  واهي پانڌيءَ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو

کيرٿر تي وسڪاري بعد گاج سميت ٻيون نئيون وهي آيون، ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو  واهي پانڌيءَ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، بااثرن پنهنجا ٻنا آباد  ڪرڻ لاءِ قدرتي وهڪرن جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾پاڻي داخل ٿي ويو.

گذريل رات دير سان کيرٿر تي وسڪاري سبب نئين گاج سميت ٻيون مختلف نئيون وهي آيون آهن. جابلو نئين جي وهي اچڻ سان علائقي واسين ۽ مالوندن  ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

نئيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي جي ڪيترين ئي ننڍن وڏن ڳوٺن جو واهي پانڌي شهر سان عارضي طور زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

 ڪاڇي واسين نئين جي پاڻي سان زرعي آبادي لاءِ پنهنجا ٻنا ڀرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهھ بااثرن پنهنجا ٻنا آباد  ڪرڻ جي لالچ ۾ قدرتي وهڪرن جا لنگهه بند ڪرڻ جي ڪوشش دوران  سول جي آس پاس  ويٺل ماڻهن جي گهرن ۾پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو سخت پريشاني واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته قدرتي وهڪرن آڏو  غيرقانوبي بند ٻڌندڙ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*