لاڙڪاڻي ۾زال جي مبينا زيادتين خلاف زخمي ٿيل نوجوان طرفان احتجاج ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾زال جي مبينا زيادتين خلاف زخمي ٿيل نوجوان طرفان احتجاج ڪيو ويو،نوجوان جو چوڻ آهي ته پئسا نه ڏيڻ تان زال سروٽو هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

 ممتاز ڪالوني واسي نوجوان آڪاش سنديلو جناح باغ چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي نوجوان آڪاش سنديلو چيو ته پئسا نه ڏيڻ تان زال سروٽو هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيوآهي.

هن چيو ته زال کي 4 مهينا اڳ طلاق ڏئي چڪو آهيان،پر هو اڃان تائين گهر ۾ زبردستي ترسيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*