ميھڙ ۾اغوا بعد گهٽا ڏئي ماريل بلقيسان بروهيءَ جي قتل  ڪيس جي ٻڌڻيءَ واري ڏينهن واقعو ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو

ميھڙ ۾اغوا بعد گهٽا ڏئي ماريل بلقيسان بروهيءَ جي قتل  ڪيس جي ٻڌڻيءَ واري ڏينهن واقعو ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو، بااثر شخص معرفت پوليس وٽ پيش ٿيل جوابدار امتياز بروھيءَ اڪيلي سر عورت جي قتل جو اعتراف ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ پوليس ساڳئي بااثر شخص جي معرفت پيش ٿيل عورت جنت خاتون ۽ سندس مڙس عاشق جتوئي سميت 3 جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته بلقيس کي ڳوٺ مان اغوا ڪري ٻن ڏينھن بعد جوابدار اڪيلي سر قتل ڪيو ھوندو، ساڻس ڪو به  صلاح  ۾نه  ھوندو.

ڳوٺ قائم جتوئي مان اغوا بعد قتل ڪيل 3 ٻارن جي ماءُ بلقيسان  بروھي جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي کي 14ڏينھن گذرڻ باوجود واقعو  ڊرامائي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بااثر  شخص جي معرفت پيش ٿيل جوابدار امتياز بروھي اڪيلي سر عورت جي قتل جو اعتراف ڪيو آھي، جنهن کان پوءِ شڪ تحت حراست ۾ ورتل عورت جنت خاتون، سندس مڙس عاشق جتوئي ۽ شبير بروھي کي آزاد ڪيو ويو آھي.

هوڏانهن مقتول عورت جي والد حاجي خان عرف حاجي  اسد بروھي پاران بلقيسان جي اغوا ۽ قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن جج دادو جي عدالت  ۾ وڪيل گل حسن مغيري معرفت داخل ڪرايل درخواست ميھڙ جي عدالت ڏانھن منتقل ٿيڻ بعد ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي ايڊيشنل  سيشن  جج ميھڙ جي عدالت ۾ اڄ ٿي رھي آھي،

مقتول عورت جي والد حاجي اسد بروھي چيو آھي ميھڙ پوليس بااثرن جي مداخلت سبب ڪيس لوڙھڻ گهري ٿي، ايس ايڇ او چوي ٿو ته قتل ۾صرف ھڪ جوابدار ملوث آھي، جنھن ڏوھ جو اعتراف  ڪيو آھي، ان کي چالان ڪنداسين.

 ھن سوال ڪيو ته ڇا عورت کي ڳوٺ مان اغوا  ڪري ٻن ڏينھن بعد اڪيلي جوابدار ئي عورت کي قتل ڪيو ھوندو، ساڻس ڪو به صلاح ۾ نه  ھوندو.

ٻئي طرف  ايس ايڇ او بي سيڪشن حسين علي کرل جو چوڻ آهي ته ته قتل واقعي جو جوابدار گرفتار آھي، وارثن  ڌار ايف آءِ آر لاءِ درخواست  ڏني آھي، ڏسجي ته عدالت  ڪھڙو  حڪم ڏي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*