ميرپورخاص ۾ صحت کاتي لکين رپين جون دوائون مريضن کي نه ڏنيون، جيڪي مدي خارج هئڻ ڪري اڇلايون ويون

ميرپورخاص ۾ صحت کاتي لکين رپين جون دوائون مريضن کي نه ڏنيون، جيڪي مدو خارج هئڻ ڪري اڇلايون ويون، ڊي ايڇ او ميرپورخاص جو چوڻ آهي ته دوائن جي مدي خارج هئڻ بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

رنگ روڊ ويجهو مليريا کان بچاءُ، رت روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ، عورت جي ويم دوران استعمال ٿيندڙ، سور کان پچاءَ جي انجيڪنشنز سميت ٻين مرضن لاءِ استعمال ٿيندڙ لکين رپين جو دوائون مدي خارج هئڻ ڪري اڇلايون ويون.

ڪچري جيان اڇلايل دوائن ۾ انسٽرا جنسٽ، ريوڪم، پروجن، سيمال سيرپ،  گائنو پراب انجيڪشن، پيرا سٽا مول، وايو ڊيم، پولڪ ايسڊ ٽيبليٽ ۽ ٻيون قميتي دوائون شامل آهن.

ڊي ايڇ او ميرپورخاص غلام غوث قائم خاني رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته دوائن جي مدي خارج هئڻ بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي، واقعي جي جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪجهه عرصو پهريائين به صحت کاتي ڪروڙين رپين جون دوائن مريض کي ڏيڻ بجاءِ اسٽاڪ ڪري رکيون هيون، جن جو پڻ مدو خارج هئڻ ڪري ڊي ايڇ آو آفيس ٻاهران اڇلايون ويون هيون، جن بابت هيل تائين ڪابه انڪوائري ناهي ٿي سگهي.

 ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين جي شديد کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب مريض پيسن تي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*