نئين وزيراعظ جي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي

نئين وزيراعظ جي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا 151 ميمبرن آهن، مسلم ليگ ن 81، پيپلزپارٽي 54، ايم ايم اي 15، ايم ڪيو ايم جا  7 ميمبر آهن.

نئين وزيراعظم جي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي،  عمران خان ۽ شهباز شريف وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا 151 ميمبرن آهن، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو تعداد 81 آهي.

پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو تعداد 54، ايم ايم اي 15 ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جو تعداد 7 آهي.

بي اي پي 5، بلوچستان نيشنل پارٽي 4، جي ڊي اي ۽ پي ايم ايل ق جا 3، 3 ميمبر آهن.

اي اين پي، جي ڊبليو پي ۽ ايم ايل اي جي هڪ هڪ سيٽ آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ آزاد اميدوارن جو تعداد 4 آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*