ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڪيس ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

عدالت استدعا منظور ڪندي ٻنهي جوابدارن کي 24 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو هو.

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري سميت 20 جوابدارن کي روپوش قرار ڏنو آهي، جڏهن ته فريال ٽالپر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت وٺي چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*