خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي رهيو آهي

خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي رهيو آهي، گورنر ڪي پي ظفر اقبال جهگڙا کانئس حلف وٺندو.

خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اڄ پنهنجي عهدو جو حلف کڻي رهيو  آهي.

حلف برداري تقريب اڄ منجهند 3 وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيندي، جنهن دوران گورنر ظفر اقبال جهگڙا وڏي وزير محمود خان کان حلف وٺندو.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ذريعن موجب، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي ڪابينا ۾ وزيرن جي شموليت بابت مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي حتمي منظوري عمران خان ڏيندو.

پارٽي ذريعن موجب، ڪابينا ۾ اڪثر اڳوڻن وزيرن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب اشتياق ارمڙ، شاهه محمد خان، خليق الرحمان، ضياءُ الله بنگش ۽ تيمور، سليم جهگڙا کي وزير بڻائڻ جو امڪان آهي،

ذريعن موجب، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي کي سينئير وزير بڻايو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*