نقيب الله جي والد محمد خان رائو انوار جي غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ضمانت کي به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

نقيب الله جي والد محمد خان رائو انوار جي غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ضمانت کي به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن کي غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ رعايت ڏني وئي آهي.

درخواستگذار چيو ته مرڪزي جوابدار رائو انوار کي ضمانت ڏيڻ سان ڪيس ۾ ناڪاري اثر پوندا، رائو انوار کي ضمانتون ڏيڻ تي فريادي کي ٻڌو ئي ناهي ويو.

درخواستگذار ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رائو انواز جون ضمانتون رد ڪري کيس ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*