سپريم ڪورٽ سيمينٽ فيڪٽرين طرفان پاڻي جي غيرقانوني استعمال واري ڪيس ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيب کي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ سيمينٽ فيڪٽرين طرفان پاڻي جي غيرقانوني استعمال واري ڪيس ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيب کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي نه آهي ۽ سيمينٽ فيڪٽريون اهو پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، جنهن سبب ڪٽاس راج تلاءَ جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، سي پيڪ جي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين فيڪٽرين کي بند نه ٿا ڪرڻ چاهيون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سيمينٽ فيڪٽرين پاران پاڻي جي استعمال بابت ڪيس  جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سيمينٽ فيڪٽرين جا نمائندا پنهنجي وڪيلن سان گڏ  عدالت ۾ پيش ٿيا.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيوته 10 لک في ڪيوسڪ روزانو استعمال ڪرڻ کي هٿ سان مهانا ڪيو ويو آهي.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نوٽيفڪيشن ۾ تبدلي سامهون آيو آهي، پاڻي جي اڳ ئي کوٽ آهي، اهڙن قدمن سان ڇا ملڪ  کي خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟

چيف جسٽس چيو ته ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي، جنهن کي فيڪٽريون استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، ڇا اهو پيئڻ جو پاڻي آهي؟ اوهان جي ڪمپنين سبب ڪٽاس راج جو ٻيڙو غرق ٿي ويو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته سي پيڪ منصوبو مڪمل ٿيڻ تائين سيمينٽ فيڪٽريون بند ڪرڻ نه ٿا چاهيون.

چيف جسٽس چيو ته جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ کان روڪيو ته انهن فيڪٽرين وري قدرتي پاڻي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيب کي طلب ڪري ورتو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*