ڪراچي ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڪراچي ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لانڍي جي منزل پمپ ڀرسان حادثي ۾ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ هيڊ ڪانسٽيبل محمد حسن طور ڪئي وئي آهي، بهادر آباد ٿاڻي ۾ مقرر ٿيل هو.

اخترڪالوني ڀرسان ڊفينس موڙ وٽ ڊبل ڪيبن جو وين سان ٽڪي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ زخمي ٿيل ٽنهي ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*