تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مئچ اڃا ختم نه ٿي آهي ۽ پوري خواب جي ساڀيان نه ماڻي آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مئچ اڃا ختم نه ٿي آهي ۽ پوري خواب جي ساڀيان نه ماڻي آهي، پنجاب جي وڏي وزير لاءِ اميدوار جي نالي جو اعلان قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ڪنداسين.

تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس  عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،  جنهن ۾ اتحادي پارٽين جي ميمبرن  به شرڪت  ڪئي.

ان  موقعي تي  عمران خان چيو ته ميچ اڃا ختم ناهي ٿي، اڄ پهريون مرحلو آهي، جيڪو مڪمل ٿيندو.

هن چيو ته آخري بال تائين ميچ فڪسنگ نه ٿيندي، حتمي ڪاميابي تائين ڪوشش جاري رکنداسين.

عمران خان چيو ته، پنجاب جي وڏي وزير جو اعلان اجلاس کانپوءِ ڪنداسين،

اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري چيو ته اڄ ٻن پارٽين واري نظام جي تبديلي جو ڏينهن آهي، قومي اسيمبلي ۾ 60 سيڪڙو نوان چهرا آهن، عمران خان کي 180 جي لڳ ڀڳ ووٽ ملندا.

فواد چوڌري چيو ته عمران خان پهرين ئي رائونڊ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، عمران خان جي ڪاميابي نئين دور جي شروعات آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*