اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ موجودا سياستدان نوجوت سنگهه سڌو پاڪستان پهچي ويو

اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ موجودا سياستدان نوجوت سنگهه سڌو پاڪستان پهچي ويو، نوجوت سنگهه شاعراڻي انداز ۾ چيو آهي ته سندس دوست عمران خان سدا جيئندو رهي، هو عمران خان جي دعوت تي سياستدان نه پر دوست جي حيثيت سان آيو  آهي، فنڪار ۽ رانديگر ملڪن ۾ فاصلا ختم ڪندا آهن.

اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ موجودا سياستدان نوجوت سنگهه سڌو واهگا بارڊر رستي پاڪستان پهچي ويو آهي.

نوجوت سنگهه سڌو عمران خان سان دوستي کي شاعري ۾ بيان ڪندي چيو آهي ته، هو سياستدان نه، پر دوست جي حيثيت سان پنهنجي دوست جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي جمهوريت ۾ ايندڙ تبديلي اهم آهي، رانديگر ۽ فنڪار فاصلا ختم ڪندا آهن.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته هو پنهنجي دوست جي دعوت تي پاڪستان پهتو آهي.

هن شاعراڻي انداز ۾ چيو ته پيار، امن ۽ خوشحالي جو روپ بڻجي منهنجو يار عمران جيئيندو رهي.

نوجوت سنگهه سڌو چيو ته هو عمران خان لاءِ ڪشميري شال جو تحفو کڻي رهي آهي.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي طرفان امڪاني وزيراعظم عمران خان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٽن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي دعوت ڏني وئي هئي جن مان ڪپيل ديو ۽ سنيل گواسڪر  ذاتي مصروفتين سبب پاڪستان اچڻ کان معذرت ڪئي هئي.

نوجوت سنگهه سڌو عمران خان جي حلف برداري تقريب جي دعوت ملڻ کي اعزاز قرار  ڏيندي پاڪستان پهتو آهي.

نوجوت سنگهه سڌو تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*