سنڌ سان انصاف ڪندي صوبي مان نڪرندڙ گئس ڏني وڃي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت پاران قطر مان گهرايل ايل اين جي تي اعتراض واريا آهن، وڏي وزير چيو آهي ته ايل اين جي قدرتي گئس کان گهٽ معياري ۽ مهانگي آهي، ان کي پنجاب يا ٻين علائقن ۾ استعمال ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي صوبي مان نڪرندڙ گئس ڏني وڃي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ايل اين جي گهرائڻ تي کين اعتماد ۾ نه ورتو.

هن چيو ته ايل اين جي مهانگي هئڻ سان گڏ ان جي ڪوالٽي به قدرتي گئس کان گهٽ آهي.

وڏي وزير چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايل اين جي جو معاملو اٿاريو هو پر ايجنڊا ۾ نه هئڻ سبب ان تي ڌيان نه ڏنو ويو.

سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سان انصاف ڪندي صوبي مان نڪرندڙ گئس ڏني وڃي ۽ وفاق پاران گهرايل ايل اين جي ڀلي پنجاب يا ٻين علائقن ۾ استعمال ڪئي وڃي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس هر ٽن مهينن بعد ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*