اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو چيو آهي ته عمران خان مان تمام گهڻيون اميدون آهن

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو چيو آهي ته عمران خان مان تمام گهڻيون اميدون آهن، سندس حڪومت هن ملڪ جي اميج ۽ مثبت تاثر کي دنيا ۾ بهتر بڻائيندي، هن تاريخي گهڙي جي دعوت منهنجي لاءِ وڏي عزت جي ڳالهه آهي.

ايوان صدر ۾ نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ موجوده سياستدان نوجوت سنگهه سڌو شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته عمران خان عمران مان تمام گهڻيون اميدون آهن، هن تاريخي گهڙي جي دعوت ڏيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته سندس ماءُ چوندي هئي ته پاڙيسري جي گهر ۾ باهه لڳي وئي ته ان جي تپش اوهان وٽ به پهچندي، جيڪڏهن پاڙي واري گهر ۾ ٿڌ هوندي ته ان جو فائدو اوهان کي به ٿيندو.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر  چيو ته هر هڪ شخص کي عمران خان مان تمام گهڻيون اميدون آهن.

هن چيو ته هوپ سڀ کان وڏي توپ اهي، جنهن وٽ ڪجهه ناهي هوندو، ان وٽ اميد هوندي آهي، اميد ئي ان جو سهارو هوندي آهي. عمران خان هڪ اميد آهي ۽ ان تي تمام گهڻو ڀروسو آهي.

نوجوت سنگهه چيو ته عمران خان جي حڪومت هن ملڪ جي اميج ۽ مثبت تاثر کي دنيا ۾ بهتر بڻائيندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*