ڪراچي ۾ گذريل رات بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر جي مختلف علائقن جي بجلي تقريبن 10 ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي آهي

ڪراچي ۾ گذريل رات بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر جي مختلف علائقن جي بجلي تقريبن 10 ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو ته شهر جي رهيل علائقن جي بجلي جلد بحال ڪئي ويندي.

گذريل رات بن قاسم بجلي گهر ۾ فني خرابي ۽ ايڪسٽرا هاٰءِ ٽينشن لائين ٽرپ ٿيڻ سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي هئي.

صدر،قائد آباد، گلستان جوهر، گلشن اقبال، قائد آباد، لياري، تين هٽي، محمود آباد، آءِ آءِ چندريگر، بلوچ ڪالوني  سميت ٻين علائقن مان به بجلي غائب ٿي وئي هئي.

ڪياماڙي، لياري، ڊفينس فيز ون،کارادر، طارق روڊ، لائينز ايريا ۽  جيڪسن مارڪيٽ ۾ بجلي بند هئڻ ڪري شهرين سڄي رات جاڳي گذاري.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، رهيل علائقن جي به بجلي جلد بحال ڪئي ويندي.

ٻئي طرف حيدرآباد شهر ۾ برسات سبب مختلف علائقن جي معطل ٿيل بجلي  12 ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*