تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو، کيس گاڊ آف آنر به پيش ڪيو ويوآه

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو، کيس گاڊ آف آنر به پيش ڪيو ويوآهي، حلف برداري تقريب ۾ اداڪارن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن به شرڪت ڪئي.

وزير اعظم عمران خان جي اعزاز ۾ پي ايم هائوس ۾ گارڊ آف آنر جي تقريب ٿي، جنهن دوران ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿن وزير اعظم عمران خان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

عمران خان وزير اعظم هائوس جو معائنو ڪرڻ سان گڏ ملازمن سان هٿ به ملايو.

وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ 1992 جي عالمي ڪپ جي فاتح قومي ستارن کانسواءِ ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو پڻ شرڪت ڪئي.

وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ گلوڪار پي ٽي آءِ اڳواڻ ابرار الحق، اداڪار جاويد شيخ ۽ اداڪار ثناءُ جاويد خصوصي طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي جاويد شيخ چيو ته اڄ نئون پاڪستان ٺهڻ طرف وڃي رهيو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*