اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي شريف ڪٽنب جي اپيلن تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي شريف ڪٽنب جي اپيلن تي اعتراض واري ڇڏيا، نيب جواب ۾ چيو آهي ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ ظاهري طور ڪمزوري يا قانوني مونجهارو نه آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي  ٿي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر جي سزا معطلي واري درخواست تي نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.

سزا معطلي واري درخواست تي نيب طرفان اعتراض به واريا ويا آهن.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب 11 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته نيب کي شروعات طور درخواست ۾ ڌر نه بڻايو ويو هو.

جواب ۾ چيو ويو ته  سزا خلاف اپيلون اونهاري جي موڪلن جي فوري بعد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون ويون.

جواب ۾ چيو ويو  آهي ته نيب جوابدارن تي فرد جرم جي الزامن کي ثابت ڪيو.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار طرفان 9 اي فائيو ۽ شيڊول 2 جو ڪيس ثابت ڪيو آهي.

نيب پاران چيو ويو ته درخواستگذارن پاران پيش ڪيڻ ثبوت جوابدارن خلاف هئا، احتساب عدالت جي فيصلي ۾ ظاهري طور ڪمزوري يا قانوني مونجهارو نه آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*