ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار خانگي بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار خانگي بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٻنهي جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو 20 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو.

بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ملڪ ممتاز الحسن پيش ٿيو.

جوابدارن جي وڪيل شوڪت حيات دليلن ۾ چيو ته ايف آءِ اي سپريم ڪورٽ ۾ وڏي دعويٰ ڪرڻ باوجود ٽرائيل ڪورٽ ۾ ڪي به ثبوت پيش ڪري نه سگهي آهي.

عدالت حسين لوائي جي وڪيل کان پڇيو ته واٽس ايپ پيغامن بابت اوهان ڇا چوندئو؟

حسين لوائي جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته واٽس ايپ پيغامن جي فرانزڪ ٽيسٽ ناهي ٿي، جيستائين فرانزڪ ٽيسٽ نٿي ٿي، تيستائين ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر دليلن ۾ چيو ته هي وائيٽ ڪالر ڪرائيم 30 جعلي اڪائونٽس تي مشتمل آهي.

ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر دليلن ۾ چيو ته ڏسڻو پوندو ته انهن جعلي اڪائونٽس جي کولڻ جو مقصد ڇا هو، جوابدار جواب ڏين ته انهن کي جعلي اڪائونٽ کولڻ جي ضرورت ڇو پيش آهي.

ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جوابدارن جي ضمانتن جي مخالفت ڪندي درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي .

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*