مسلم ليگ ن راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ ن راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب راجا ظفر الحق جي نامزدگي ۾ جي يو آءِ ف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي حمايت ڪئي آهي.

مخالف ڌر جي گرينڊ الائنس ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي اختلافن بعد ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويون آهن.

 مسلم ليگ ن سينيٽ ۾ پ پ جو اپوزيشن ليڊر هٽائي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، مسلم ليگ ن ۽ اتحادي پارٽين راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪندي باضابطا درخواست سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب راجا ظفر الحق جي نامزدگي ۾ جي يو آءِ ف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي حمايت ڪئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*