تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان بوزدار چيو آهي ته عمران خان جو ويزن غريب ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ آهي، عمران خان جو ٿورائتو آهيان

تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان بوزدار چيو آهي ته عمران خان جو ويزن غريب ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ آهي، عمران خان جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون تي اعتماد ڪري وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو. جيڪو عمران خان نئين پاڪستان لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي، اهو هر صورت ۾ پورو ڪنداسين،

پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي وزير لاءِ نامزدگي فارم جمع  ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳلهائيندي عثمان بوزدار چيو ته عمران خان جو ويزن غريب ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.

هن چيو ته عمران خان جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون تي اعتماد ڪري وڏي وزير لاءِ نامزد ڪيو.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته جيڪو عمران خان نئين پاڪستان لاءِ ٽاسڪ ڏنو آهي، اهو هر صورت ۾ پورو ڪنداسين.

هن چيو ته پنجاب ۾  ڌار صوبي لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو، مون تي ڪي به ڪيس نه آهن.

سردار عثمان بوزدار چيو ته مون وٽ پنهنجي گاڏي به نه آهي مان ايم اين اين جي گاڏي تي پنجاب اسيمبلي آيو آهيان………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*