نواز ليگ اڳواڻ مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ڇڏيو آهي

نواز ليگ اڳواڻ مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ڇڏيو آهي، هاڻ کيس هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر عوام کي ڏيڻا پوندا، عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن قرض کڻندس ته آپگهات ڪري ڇڏيندس.

لاهور ۾ حمزه شهباز جا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان  ڳالهائيندي مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ڇڏيو آهي، هاڻ کيس هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر عوام کي ڏيڻا پوندا.

هن چيو ته عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن قرض کڻندس ته آپگهات ڪري ڇڏيندس، اسان پنجاب ۾ ڪنهن به قسم جي هارس ٽريڊنگ ٿيڻ نه ڏينداسين.

نواز ليگ اڳواڻ  چيو ته،  اين آر او نه ڪالهه عمران خان جي اختيار ۾ هو ۽ نه ئي اڄ آهي. اهي قوتون  ٻيون آهن، جن عمران خان کي وزارت عظمي جي منصب تي ويهاريو آهي.

هن چيو ته نواز ليگ نه اڳ ۽ نه ئي هاڻ اين آر او ورتو آهي. مشرف ڏنڊي ۽ گولي جي زور تي ميان نوازشريف کي جلا وطن ڪيو،

نواز ليگ اڳواڻ  چيو ته جيڪڏهن نوازشريف اين آر او وٺڻو هجي ها ته  قوتون اڳ ئي نوازشريف  کي اين آر او ڏيڻ چاهين پيون.

هن چيو ته عمران خان کي مذهب بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن پيرني سان شادي ڪري سندس سموريون شيون ٺيڪ ٿي وڃن ها ته وڏي ڳالهه هئي.

مجتبيٰ شجاع الرحمان  چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪو وزيراعظم پنهنجو حلف صحيح طريقي سان نه کڻي سگهيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*