سنڌ سرڪار مدرسن خلاف ڪارروائي ڪري عالم گرفتار ڪري رهي آهي، مولانا غفور حيدري

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا غفور حيدري  چيو آهي ته ڪراچي آپريشن بنا فرق جي ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي اعتراض آهي ته اهو عدالت ۾ وڃي سگهي ٿو، مدرسن خلاف بنا جواز  ڪارروائي تي سنڌ سرڪار خلاف 2 اپريل تي حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي ڌرڻو  هنيو  ويندو.

نصرپور ۾ جي يو  آءِ اڳواڻن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا غفور حيدري  چيو ته وفاقي سرڪار مدرسن خلاف ڪارروائي ۽ عالمن جي گرفتاري جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي، پر سنڌ سرڪار مدرسن خلاف ڪارروائي ڪري عالم گرفتار ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار جي اهڙي عمل خلاف 2 اپريل تي حيدرآباد جي هٽڙي وٽ ڌرڻو هڻي سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي آپريشن بنا ڪنهن فرق جي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي  ڪو اعتراض آهي ته اهو عدالت ۾ وڃي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*