اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت کيس لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم به ڏنو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

سينيٽر اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا ذريعي داخل ڪيل پٽيشن ۾ درخواست ڪئي وئي.

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، گرفتاري جو خدشو آهي تنهن ڪري کيس حفاظتي ضمانت ڏني وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايف آءِ اي جي انڪوائري ۾ پيش ٿيڻ لاءِ به ضمانت ڏني وڃي.

اڳوڻي صدر جي درخواست ٻڌڻي لاءِ اڄ ئي مقرر ڪئي وئي، جنهن تي جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو. سندس نياڻي آصفه ڀٽو زرداري به ساڻس گڏ هئي.

 ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي آصفه ڀٽو کي عدالت جي ڪمري ۾ ئي روڪيو ويو ۽ چيمبر ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب مختصر ٻڌڻي بعد اڳوڻي صدر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*