تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران وزيراعظم جو حلف کڻڻ بعد نگران حڪومت ختم ٿي وئي آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاران وزيراعظم جو حلف کڻڻ بعد نگران حڪومت ختم ٿي وئي آهي، سڀاڻي وفاقي ڪابيان  جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ وزيرن کي کاتا ڏنا ويندا.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

عمران خان جي حلف کڻڻ کانپوءِ نگران حڪومت به ختم ٿيڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب، وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي ٿي رهيو آهي. جنهن دوران ميمبرن کي کاتا به ڏنا ويندا.

ذريعن موجب، وزيراعظم جي ڪابينا ۾ 18 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل هئڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر کي ناڻي، شاهه محمود قريشي کي پرڏيهي، پرويز خٽڪ کي گهرو ۽ شيري مزاري کي بچاءَ وارو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، شيخ رشيد کي ريلوي، فواد چوڌري کي سڌ سماءَ واري وزارت ۽ شهريار آفريدي کي سيفران جي وزارت ملڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، امين اسلم کي ماحوليات وارو صلاحڪار ۽ عبدالرزاق دائود کي صنعت ۽ واپار جو وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته وفاقي ڪابينا سڀاڻي ئي پنهنجي عهدي جو قسم کڻي.

هن چيو ته ۽ وفاقي سرڪار سومر کان باقاعده ڪم شروع ڪندي تنهن ڪري وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ اڄ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ڪابينا ميمبرن ۽ کاتن تي غور ڪري رهيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*