تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان عارف علوي کي صدر پاڪستان نامزد ڪري ڇڏيو آهي

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان عارف علوي کي صدر پاڪستان نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

موجوده صدر ممنون حسين جو مدو 8 سيپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صدارتي چونڊون 4 سيپٽمبر تي ٿي رهيون آهن.

واضح رهي ته عارف علوي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ڪراچي جي تڪ اين اي 247 تان ڪامياب ٿيو هو، ڊاڪٽرن فاروق ستار ۽ ايم ايم اي جي محمد حسن محنتي کي شڪست ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*