تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي، هاڻي گهر ويهندس ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪندس.

عمران خان پاران وزيراعظم جو حلف کڻڻ بعد پنهنجي بيان ۾ جهانگير ترين چيو ته منهنجو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ مان هاڻي ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نمبر گيم پورو ٿيڻ ۾ منهنجو ڪو ڪردار نه هو، اهو هڪ مشن هو جيڪو پورو ٿي ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته عمران خان 22 سالن تائين اڻٿڪ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هو اڄ وزيراعظم بڻجي ويو آهي.

جهانگير ترين چيو ته هن چيو ته مان هاڻي گهر ويهندس، فارمنگ ڪندس ۽ ڪاروبار ڪندس……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*