خاتون اول بشريٰ بي بي چيو آهي ته عوام تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪيو آهي

خاتون اول بشريٰ بي بي چيو آهي ته عوام تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪيو آهي، اسان سندن اميدن تي پورو لهنداسين، الله اسان کي عوام جي خدمت جي اهم ذميواري سونپي آهي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آندي ويندي.

پنهنجي پهرين پيغام ۾ خاتون اول بشريٰ بي بي چيو ته عوام اسان کي چونڊيو، انشاءَالله سندن اُميدن تي پورا لهنداسين.

هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي ملڪ جي وڏي ذميواري ڏني آهي، اڄ آئون خوش نه پر ڊنل آهيان، اقتدار واري ڪرسي اچڻي وڃڻي شئي آهي،

بشريٰ بي بي چيو ته عمران خان جو پروگرام غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي.

عمران خان جي گهرواري چيو ته  صحت ۽ تعليم جو نظام بهتر ڪرڻ به پروگرام ۾ شامل آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*