اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب جي سزا معطلي ۽ ضمانت بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي اڄ  ٿي رهي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب جي سزا معطلي ۽ ضمانت بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي اڄ  ٿي رهي آهي، عدالتنيب پراسيڪيوٽر کي دليل مڪمل ڪرڻ لاءِ اڄ آخري مهلت  ڏني آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اطهر من الله جي سربراهي ۾بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي معطلي واري سزا جي اپيل تي ٻڌڻي ٿيندي.

گذريل ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيورٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري هئي، جنهن تي عدالت مٿس 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو هو.

عدالت نيب پراسيڪيورٽر  کي اڄ دليل مڪمل ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي. اڄ نيب پراسيڪيورٽر پنهنجا دليل جاري رکندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*