حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه جي ادائيگي لاءِ حج پانڌيئڙا ميدان عرفات ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن

حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه جي ادائيگي لاءِ حج پانڌيئڙا ميدان عرفات ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، وقوف عرفه جي دوران مسجد نمره ۾ خطبه حج پڙهيو ويندو.

20 لک جي لڳ ڀڳ حج پانڌيئڙا نماز فجر جي ادائيگي بعد ميدان عرفات پهچي ويا آهن، عرفه جي مسجد نمره ۾ خطبه حج ٿيندو، جيڪو مسجد نبوي صه جو امام شيخ حسن بن عبدالعزيز آل الشيخ ڏيندو جنهن کانپوءِ نماز ظهرين ادا ڪئي ويندي.

ظهرين جي نماز کانپوءِ حج پانڌيئڙا سج لهندي ئي مزدلفه روانا ٿيندا، جتي هو نماز مغرب ۽ عشا قصر سان گڏ ادا ڪندا.

 حج پانڌيئڙا رات جو کليل آسمان هيٺ قيام ڪندا ۽ رمي جي لاءِ پٿريون کڻندا.

 حج پانڌيئڙا 10 ذوالحج جو سج اڀرندي ئي مزدلفه کان رمي لاءِ جمرات ويندا پوءِ قرباني بعد مٿو ڪوڙائي احرام کوليندا ۽ زيارت طواف ڪندا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*