افغان حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اڄ کان 21 نومبر تائين ٽن مهينن لاءِ طالبان سان جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو

افغان حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اڄ کان 21 نومبر تائين ٽن مهينن لاءِ طالبان سان جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو. طالبان به عيدالاضحيٰ جي موقعي تي  ڪيترن ئي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان به اعلان جي حمايت ڪري ڇڏي، آمريڪا چيو آهي ته اشرف غني جو اعلان افغان عوام جي خواهشن جي ترجماني آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، افغان صدر اشرف غني طالبان کي ٽن مهينن جي جنگ بندي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، جنگ بندي جي آڇ اڄ کان 12 ربيع الاول تائين ٽن مهينن لاءِ ڪئي وئي آهي.

افغان صدر موجب، مشروط جنگ بندي ان وقت تائين جاري رهندي،جيستائين طالبان پاران جنگبندي جي ڀڃڪڙي نه ٿي ڪئي وڃي.  
افغان عملدارن موجب، سيز فائر رڳو طالبان سان ڪيو ويو آهي،جنهن ۾ داعش سميت ٻيا شدت پسند گروپ شامل نه آهن.

ٻئي طرف پاڪستان جنگ بندي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد اهڙن قدمن جي حمايت ڪري ٿو، جنهن سان افغانستان ۾ مستقل امن قائم ٿي سگهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، افغانستان جي جشن آزادي جي موقعي تي اعلان  وڌيڪ اهميت رکي ٿو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، پاڪستان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڌرين طرفان سيز فائر لاءِ پاڪستان مناسب وقت سمجهي ٿو ۽ اهڙن قدمن سان امن ۽ استحڪام جي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

هوڏانهن آمريڪا جنگ بندي  واري اعلان  جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اشرف غني جو اعلان افغان عوام جي خواهشن جي ترجماني آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پوميو چيو ته گذريل جنگ بندي مان هڪ ڳالهه واضح ٿي وئيهئي ته افغان عوام جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، اميد آهي ته سيز فائر افغانستان ۾ امن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

مائيڪ پوميو موجب، آمريڪا ۽ اتحادي  انهي قدم جي حمايت ڪن ٿا ۽ طالبان سان مطالبو ڪن ٿا ته اشرف غني جي آڇ جو مثبت جواب ڏين. …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*