نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، نيب چيو آهي ته شهباز شريف کي آشيانا اقبال ۽ پاور ڊيولپمنٽ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، 56 ڪمپنين ۾ ڪروڙَين روپين جي ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.

نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي اڄ ذاتي حيثيت سان طلب ڪري ورتو آهي.

نيب اختيارين جو چوڻ  آهي ته شهباز شريف کي آشيانا اقبال ۽ پاور ڊيولپمنٽ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويوآهي.

نيب لاهور شهباز شريف کي صاف پاڻي جي ڪرپشن ڪيس ۾ به طلب ڪيو آهي، جڏهن ته کيس پنجاب پاور ڊيولپمنٽ ڪمپني ڪيس ۾ طلب به ڪيو آهي.

واضح رهي ته نيب لاهور 56 ڪمپنين اندر ڪرپشن ڪيس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري چڪو آهي. ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*