اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جو فيصلو گڏ ٻڌائڻ وارو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جو فيصلو گڏ ٻڌائڻ وارو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي واجد ضياءَ کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ رڪارڊ سوڌو طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ڪمري نمبر 2 ۾ جج محمد ارشد ملڪ نوازشريف خلاف  العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان احتساب عدالت آندو ويو.

ان موقعي تي اڊيالا جيل ٻاهران ٻن ڄڻن نوازشريف جي قافلي تي گلن جي ورکا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  جن کي پوليس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث ۽ ڊپٽي  پراسڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر  عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث نوازشريف خلاف ٻنهي ريفرنس جو فيصلو گڏ ٻڌائڻ واري استدعا ڪندي چيو ته احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ به ٽنهي ريفرنسز جو فيصلو گڏ ٻڌائڻ جي استدعا ڪئي هئي پر عدالت  رڳو ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو.

شريف ڪٽنب جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ٽنهي ريفرنس جو فيصلو گڏ نه اچڻ سبب ٻن ريفرنس کي هن عدالت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر  چيو ته ريفرنس جو فيصلو ڌار ڪرڻو آهي يا وري گڏ ڪرڻو آهي، ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، ڪو به عدالت کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي.

ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد احتساب عدالت خواجا حارث جي ٻنهي ريفرنسز جو فيصلو گڏ ٻڌڻ واري استدعا منظور ڪري ورتي.

احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ پڇا ڪئي ته واجد ضيا ڪٿي آهي، هن وقت تائين پيش ڇو نه ٿيو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته واجد ضياءَ رستي ۾ آهي، رڪارڊ کڻي اچي پيو.

وڪيل خواجا حارث چيو ته کيس هاءِ ڪورٽ وڃڻو آهي، جنهن سبب سندس واپسي ممڪن ناهي. جنهن تي جج ارشد ملڪ چيو ته ان جو مطلب ته واجد ضياءَ کان آڏي پڇا مڪمل نه ٿي ٿي سگهي.

عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*