ڀان سيدآباد ويجهو 3 گاڏين ۾ خوفائتي ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن
ڀان سيدآباد ويجهو 3 گاڏين ۾ خوفائتي ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.
علي آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتاري سبب مسافر ويگن، ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جن ۾ 2 ڄڻن جي سڃاڻپ لاڙڪاڻو واسي محمد مٺل گاڏهي ۽ دادو واسي اسلم چانڊيو طور ٿي وئي آهي، جڏهن ته 2 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
اطلاع تي پوليس ۽ شهرين پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڄامشورو ۾ اسپتال منتقل ڪيو جتي 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي……….