اسلام آباد جي خصوصي عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري کي سومر ڏينهن رڪارڊ سوڌو طلب ڪري ورتو

اسلام آباد جي خصوصي عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري کي سومر ڏينهن رڪارڊ سوڌو طلب ڪري ورتو، جسٽس ياور علي  ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود جوابدار مشرف کي پيش ڇو نه ڪيو ويو؟  جيڪڏهن اڪرم شيخ کي اڄ پيش نه ٿيڻو هو ته هن عدالت کي آگاهه ڇو نه ڪيو.

اسلام آباد جي خصوصي عدالت ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نذر  اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي.

عدالت پڇا ڪئي ته درخواستگذار جو وڪيل اڪرم شيخ پيش ڇو نه ٿيو، جيڪڏهن پيش نه ٿيڻو هو ته کيس عدالت کي آگاهه ڪري ها.

ان موقعي تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڪرم شيخ جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ملڪ کان ٻاهر آهي، جنهن سبب هو پيش نه ٿو ٿي سگهي، هن پنهنجي استعيفيٰ گهرو وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

جسٽس ياور علي پڇا ڪئي ته جوابدار پيش ڇو نه ٿي رهيو آهي، جنهن تي وڪيل اختر شاهه چيو ته منهنجو موڪل پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر کيس صدارتي سيڪيورٽي ملڻ گهرجي، هو تيستائين پيش نه ٿيندو، جيستائين کيس تحفظ نه ملندو.

جسٽس ياور علي چيو ته منهنجي هڪ ساٿي جج جو موقف آهي ته جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پرويز مشرف کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

جسٽس ياور علي چيو ته اسان کي ضابطا فوجداري جي سيڪشن 342 جا بيان وٺڻا آهن.

جسٽس ياور علي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ڇا اوهان کي هن ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته کيس ان وقت اجازت ڏني وئي هئي، جڏهن فروغ نسيم ۽ فيصل چوڌري پيش ٿي رهيا هئا.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي گهرو سيڪريٽري کي طب ڪري ورتو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*