پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پ پ ۽ نون ليگ سوڌو ٻين سياسي پارٽيز سان پرڏيهي معاملن تي صلاح مشورا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پ پ ۽ نون ليگ سوڌو ٻين سياسي پارٽيز سان پرڏيهي معاملن تي صلاح مشورا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، پاڪستان کي عالمي اڪيلائپ مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي دشمن قوتن کي ناڪام بڻائينداسين، پرڏيهي پاليسي کي صحيح دڳ تي آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ بي اعتمادي ختم ڪنداسين، افغان هم منصب سان به جلد رابطو ڪندس.

پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي ڏنل پهرئين بريفنگ دوران شاهه محمود قريشي چيو ته، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستاني هم منصب عمران خان کي خط ذريعي واڌايون ڏيندي تڪراري معاملن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو پيغام موڪليو.

هن چيو  ته ٻنهي ملڪن ۾ تڪراري معاملا جلد حل نه ٿي سگهندا، بنا ڪنهن ڊيڊلاڪ ۽ رنڊڪ جي ڳالهيون جاري رکڻ ضروري آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڙيسري ملڪن سان برابري ۽ ٻطرفي احترام تحت لاڳاپن کي مضبوط ڪنداسين، پرڏيهي پاليسي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو رخ درست ڪيو ويندو، پرڏيهي پاڪستان تي شروع ۽ پاڪستان تي ئي ختم ٿيندي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه طاقتون ملڪ کي تنهائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن جنهن جو سبب پرڏيهي وزير نه هئڻ هو. جنهن سبب ملڪ کي نقصان پهتو آهي.

هن چيو ته پرڏيهي پاليسي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون.

پرڏيهي وزير چيو ته عوامي چونڊيل حڪومت کي عوام جي اميدن موجب هلڻ گهرجي، حنا رباني کر ۽ خواجه آصف سان به صلاح مشورو ڪندس.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اعتماد جي کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ايندڙ مهيني گڏيل قومن جو اجلاس ٿي رهيو آهي، پرڏيهه ۾ مقرر ٿيل سفير غافل نه آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي عالمي اڪيلائپ مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي دشمن قوتن کي ناڪام بڻائينداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*