حافظ آباد ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو

حافظ آباد ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، ٻنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن،  جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. وارثن ٻنهي نوجوانن جا لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پوليس موجب،  ساون پور ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري جلال ۽ دائود  کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽم مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

پوليس موجب، مقتول جلال ۽ دائود مڇي فارم  ڏانهن وڃي رهيا هئا ته جوابدارن مٿان حملو ڪيو.

پوليس موجب، مارجي ويل ٻئي ڄڻا سڳا ڀائر آهن،  جيڪي کاڙڪ ڀٽيان جا رهواسي آهن.

ٻئي طرف وارثن ٻنهي ڄڻن جا لاش حافظ آباد روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون.

وارثن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽  پنجاب جي وڏي وزير  کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*