ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن

  ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.

عدالت ٻنهي جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو 18 آگسٽ تي محفوظ ڪيو هو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدارن خلاف جاچ جاري آهي، تنهن ڪري ضمانتون ڏئي نٿا سگهون.

خانگي بئنڪ جو سربراهه حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالتي رمانڊ تي آهن.

ايف آءِ آي اربين روپيا مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ خانگي بئنڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي ۽ طحهٰ رضا کي گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*