اليڪسن ڪميشن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اليڪسن ڪميشن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين کان 15 سيپٽمبر تائين اين آءِ سي او پي يا ايم آر پي رکندڙ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا.

اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سردار يعقوب بابر جي صدارت هيٺ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نادرا جي عملدارن به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ايندڙ ننڍي چونڊ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ڪيل منصوبابندي کي حتمي شڪل ڏني وئي.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن  طرفان نادران جي عملدارن کي سموريون ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون.

اليڪشن ڪميشن نادرا کي هدايت ڪئي ته سيپٽمبر جي شروعات ۾ ئي جوڙيل سافٽ ويئر کي اليڪشن ڪميشن جي آڏو ڊيمونسٽريٽ ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين کان 15 سيپٽمبرتائين سمورن سمنڊ پار پاڪستانين جي رجسٽريشن ڪئي وڃي، جنهن دوران جن پاڪستانين وٽ اين آءِ سي او پي يا ايم آر پي موجود هجي اهي  پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا.

رجسٽرڊ ٿيندڙ ووٽرز ايندڙ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته منسٽري آف فارين افيئرس، نادرا ۽ پرڏيهي ايمبيسيز جي مدد سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽر جي آگاهي مهم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن اهي پاڻ ئي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهن.

واضح رهي ته ملڪ ۾  30 تڪن تي ننڍي چونڊ 14 اڪٽوبر تي ٿي رهي  آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*