چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نيب چيئرمين کي سومر تي پنهنجي چيمبر ۾طلب ڪري ورتو

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نيب چيئرمين کي سومر تي پنهنجي چيمبر ۾طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب کي ڪو به حق ناهي ته ماڻهن جا پٽڪا لاهي، اڳ نيب جي عدليه ۾ ڪابه عزت نه هئي، هاڻي نيب جي عدالتن ۾ به عزت ٿيندي آهي. ڪنهن به طلبي جي معاملي کي ڳجهو هئڻ گهرجي، ڏوهه ثابت ٿيڻ کانسواءِ نيب ڪيئن ڪنهن کي ڏوهي چئي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نيب پاران ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي واپس موٽائڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب کي ڪو به حق ناهي ته ماڻهن جا پٽڪا لاهي، ڇا نيب چاهي ٿو ته پرڏيهه مان ايندڙ سيڙپڪار خوف سبب ڀڄي وڃي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر ماڻهو کي چور سمجهي پٽڪو نه لاٿو پيو وڃي. جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته نيب ۾ به ڪاريون رڍون موجود آهن.

چيف جسٽس چيو ته اڳ ۾ نيب جي عدليه ۾ ڪابه عزت نه هئي، هاڻي نيب جي عدالتن ۾ به عزت ٿيندي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به طلبي جي معاملي کي ڳجهو هئڻ گهرجي، ڏوهه ثابت ٿيڻ کانسواءِ نيب ڪيئن ڪنهن کي ڏوهي چئي سگهي ٿو.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار  نيب  چيئرمين کي سومر ڏهاڙي طلب ڪري ورتو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*