وڏي وزير مراد علي شاهه نئين ڪابينا جي وزيرن سوڌو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري

وڏي وزير مراد علي شاهه نئين ڪابينا جي وزيرن سوڌو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري.

 وڏي وزير چيو آهي ته  عمران خان قوم کي ڪيل خطاب ۾ اهي ڳالهيون ڪيون، جيڪي جلسي ۾ ڪندو هو، نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي به ڪراچي جي حوالي سان ڪيل واعدا نه پاڙيا هئا.

 ڳڙهي خدا بخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته، عمران خان سنڌ لاءِ ڪم ڪيو ته صوبائي حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي، سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن، ووٽ ڏيندڙن جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته 2008کان 2018 تائين سنڌ ۾ بهتري آئي آهي، امن امان ۾ وڌيڪ بهتري سنڌ حڪومت جي ترجيع آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ صحت، تعليم ۽ پاڻي وارن مسئلن تي ڪم ڪنداسين ۽ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين جو ايندڙ وزيراعظم بلاول هوندو.

وڏي وزير چيو ته عوامي خدمت واري ڳالهه ٿي ته وفاقي سرڪار جو ساٿ ڏنو ويندو، سي ايم هائوس ۾ رهڻ يا نه رهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، وفاقي سرڪار کي مدد جي ضرروت پئي ته سهڪار ڪنداسين.

مرادعلي شاهه چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي به واعدا ڪيا هئا، پراهي پورا نه ڪري سگهيا،جيڪڏهن عمران خان پورا ڪندو ته خوشي ٿيندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*