وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي خطاب دوران ڪيل اعلانن تي فوري طور عمل ڪرائڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي خطاب دوران ڪيل اعلانن تي فوري طور عمل ڪرائڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي،  شيرين مزاري ۽ ٻين وفاقي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت  ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي معاشي، اقتصادي ۽ سماجي پاليسين بابت وزيرن کي آگاهه ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ملڪي معيشت ۽ سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ بابت وزيرن کي آگاهي ڏني وئي. جڏهن ته ناڻي ۽ پلاننگ واري وزارت جي عملدارن اجلاس کي بريفنگ ڏني.

اجلاس دوران وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد جي هدايت جي به هدايت ڪئي.

ذريعن موجب، وزيراعظم عمران خان وزارتن ۾ سادگي ۽ انتظامي خرچ گهٽائڻ جي هدايت به ڪئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*